16 پر نيڪي ڪرڻ ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇالاءِجو اھڙيون قربانيون خدا کي پسند آھن.
17 اوھين پنھنجي اڳواڻن جا فرمانبردار ۽ تابعدار ٿي رھو، ڇالاءِجو اھي اوھان جي روحاني فائدي لاءِ حساب ڏيندڙن وانگر سجاڳ ٿا رھن. سندن فرمانبرداري ڪريو، تہ جيئن ھو اھو ڪم خوشيءَ سان ڪن ۽ نہ رنج سان، نہ تہ اوھان کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.
18 اسان جي لاءِ دعا گھرندا رھو، ڇالاءِجو اسان کي پڪ آھي تہ اسان جي نيت صاف آھي ۽ اسين ھر طرح ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ ٿا چاھيون.
19 آءٌ اوھان کي خاص طور ھن ڪري منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين دعا ڪريو، تہ جيئن آءٌ جلد اوھان وٽ وري اچي سگھان.
20 اطمينان ڏيندڙ خدا دائمي عھد جي رت جي وسيلي، اسان جي خداوند عيسيٰ کي رڍن جو وڏو ڌنار ڪري مئلن مان وري جياري اٿاريو.
21 شل اھو ئي خدا ھر چڱي ڪم ۾ پنھنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ اوھان کي ڪامل ڪري، شل ھو اسان ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي اھو ڪجھہ پيدا ڪري، جيڪو کيس پسند آھي. سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.
22 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي گذارش ٿو ڪريان تہ ھن نصيحت جي ڳالھہ کي برداشت ڪريو، ڇالاءِجو مون اوھان ڏانھن مختصر طور لکيو آھي.