10 تنھنڪري انھيءَ پيڙھيءَ کان آءٌ ناراض ٿيس،۽ چيم تہ ’انھن ماڻھن جون دليونھميشہ گمراھہ ٿينديون رھن ٿيون.انھن منھنجي واٽن کي ڪين سڃاتو.‘
11 تنھنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ’ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.‘“
12 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رھجو، متان اوھان مان ڪنھن جي دل بڇڙي ۽ منڪر ٿي زندہ خدا کان ڦري نہ وڃي.
13 پر اوھين جيسين اڄوڪو ڏينھن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين ھر روز ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھجو، انھيءَ لاءِ تہ متان اوھان مان ڪو گناھہ جي فريب ۾ اچي سختدل نہ ٿي پوي.
14 ڇالاءِجو اسين مسيح سان شريڪ ٿيا آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجي شروع واري يقين تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رھون.
15 جيئن چيو ويو آھي تہ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو،تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو،جيئن اوھان چڙ ڏيارڻ واري مھل ڪيو ھو.“
16 اھي ڪير ھئا جن آواز ٻڌي خدا کي چڙ ڏياري؟ ڇا اھي سڀيئي نہ ھئا جيڪي موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ مصر مان نڪتا ھئا؟