1 حقيقت ۾ ھر ڪو سردار ڪاھن جيڪو ماڻھن مان ٿو چونڊجي، سو ماڻھن جي ئي لاءِ خدا سان تعلق رکندڙ ڳالھين واسطي مقرر ٿو ڪجي، انھيءَ لاءِ تہ ھو نذر ۽ گناھن لاءِ قربانيون ادا ڪري.
2 ھو جاھلن ۽ گمراھہ ٿيندڙن سان نرميءَ واري ھلت ڪري ٿو سگھي، ڇوتہ ھو پاڻ بہ ڪمزوريءَ ۾ مبتلا آھي.
3 انھيءَ ڪري مٿس اھو فرض آھي تہ جھڙيءَ طرح پنھنجي گناھن واسطي قرباني ادا ڪري ٿو، تھڙيءَ طرح ماڻھن جي گناھن لاءِ بہ ڪري.
4 ڪوبہ ماڻھو پنھنجو پاڻ اھا عزت ھٿ ڪري نہ ٿو سگھي، جيستائين خدا کيس ھارون وانگر نہ چونڊي.
5 ساڳيءَ طرح مسيح بہ پاڻ کي سردار ڪاھن ٿيڻ جي عزت پاڻ نہ ڏني، بلڪ خدا کيس چيو تہ”تون منھنجو فرزند آھين،اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان.“
6 اھڙيءَ طرح ھو ٻي ھنڌ بہ چوي ٿو تہ”تون ملڪصدق جي طريقي موجبھميشہ لاءِ ڪاھن آھين.“