11 لاويءَ واري ڪاھنيءَ جي بنياد تي قوم کي شريعت ملي ھئي. سو جيڪڏھن انھيءَ ڪاھنيءَ جي وسيلي ڪا ڪماليت ھجي ھا تہ پوءِ ٻئي ڪاھن جي اچڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي جيڪو ھارون جي نہ، پر ملڪصدق جي طريقي ۾ شمار ڪيو وڃي.
12 ڇالاءِجو جڏھن ڪاھني بدلجي ٿي، تڏھن شريعت جو بدلجڻ بہ لازمي ٿيو پوي.
13 جنھن بابت اھي ڳالھيون ڪيون ويون، سو ٻي قبيلي جو آھي ۽ انھيءَ قبيلي مان ڪنھن بہ ماڻھوءَ قربانگاھہ جي خدمت ڪانہ ڪئي.
14 ڇالاءِجو اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ اسان جو خداوند يھوداہ قبيلي مان آھي، جنھن قبيلي بابت موسيٰ ڪاھنن جي باري ۾ ڪجھہ ڪونہ چيو.
15 اھا ڳالھہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿئي ٿي، جڏھن ملڪصدق جھڙو ھڪ ٻيو ڪاھن ظاھر ٿيو.
16 ھو جسماني قاعدن موجب نہ، پر غير فاني زندگيءَ جي طاقت موجب مقرر ٿيو.
17 ڇالاءِجو انھيءَ بابت پاڪ ڪلام ۾ شاھدي ڏني ويئي آھي تہ”تون ملڪصدق جي طريقي موجبھميشہ جي لاءِ ڪاھن آھين.“