18 اھو ئي سبب آھي جو پھريون عھد بہ رت کان سواءِ قائم نہ ڪيو ويو.
19 جڏھن موسيٰ شريعت جو ھر حڪم ساريءَ قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏھن ھن گابن ۽ ٻڪرين جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، قرمزي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ ساريءَ قوم تي ڇٽڪاريو.
20 ھن اھو بہ چيو تہ ”ھي انھيءَ عھد جو رت آھي، جنھن جو خدا اوھان کي حڪم ڏنو آھي.“
21 ساڳيءَ طرح موسيٰ مقدس خيمي ۽ عبادت جي سڀني شين تي رت ڇٽڪاريو.
22 حقيقت ۾ شريعت موجب گھڻو ڪري سڀ شيون رت سان پاڪ ٿي وڃن ٿيون ۽ رت وھائڻ کان سواءِ معافي نہ ٿي ملي.
23 تنھنڪري اھو ضروري ھو تہ آسماني شين جا نقل اھڙين قربانين جي وسيلي پاڪ ڪيا وڃن، بلڪ خود آسماني شيون انھن کان بھتر قربانين جي وسيلي پاڪ ڪجن.
24 ڇالاءِجو مسيح انسان جي ٺاھيل مقدس جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي مقدس جاءِ جو رڳو نقل ھئي. پر ھو آسمان ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن خدا جي حضور ۾ اسان جي خاطر حاضر ٿئي.