12 ڇالاءِجو جيئن عورت مرد مان ٺاھي ويئي آھي، تيئن مرد عورت مان ڄڻيل آھي. پر سڀني شين جو ٺاھيندڙ خدا آھي.
13 اوھين پاڻھي انصاف ڪري ڏسو. ڀلا اھو ڪو مناسب آھي ڇا تہ عورت مٿي اگھاڙي خدا کان دعا گھري؟
14 ڇا فطرت اوھان کي نہ ٿي سيکاري تہ وڏا وار مرد لاءِ بيعزتيءَ جي شيءِ آھن؟
15 پر ڇا وڏا وار عورت لاءِ شان نہ آھن؟ ڇالاءِجو وڏا وار کيس پردي جي لاءِ ڏنا ويا آھن.
16 جيڪڏھن ڪو انھيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آھي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“
17 ھيٺين ھدايتن ۾ آءٌ اوھان جي ساراھہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻتہ اوھان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي.
18 اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ آيو آھي تہ ڪليسيا جي گڏ ٿيڻ وقت اوھان ۾ اڻبڻت پيدا ٿئي ٿي ۽ انھيءَ ڳالھہ تي مون کي ٿورو گھڻو اعتبار بہ اچي ٿو.