1 جيڪڏھن آءٌ ماڻھن توڙي ملائڪن جونٻوليون ڳالھايان ٿو،پر مون ۾ محبت نہ آھي،تہ آءٌ وڄندڙ گھنڊ،يا ڇمڪندڙ جھانجھر آھيان.
2 جيڪڏھن مون کي نبين وانگر،ڳالھائڻ جي ڏات مليل ھجي،۽ سڀيئي اسرار ۽ علم بہ ڄاڻيندو ھجان،۽ مون ۾ جبلن کي ھٽائڻ جيتروڪامل ايمان بہ ھجي،پر جيڪڏھن مون ۾ محبت نہ آھي،تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آھيان.
3 جيڪڏھن آءٌ پنھنجو سڀ مال ملڪيتغريبن کي کارائي ڇڏيان،۽ پنھنجي جان ڏيئي ڇڏيان،پر مون ۾ محبت نہ ھجي،تہ انھن مان مون کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.
4 محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مھربان آھي،محبت حسد نہ ٿي ڪري.محبت پاڻ کي نہ ٿي پڏائي۽ پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون نہ ٿي ھڻي.
5 محبت بدتميزي يا بيادبي نہ ٿي ڪري،محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي،محبت جلدي نہ ٿي چڙي۽ محبت بدگماني نہ ٿي ڪري.
6 محبت بدڪاريءَ ۾ خوش نہ ٿي ٿئي،پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿي.
7 محبت پردو رکي ٿي،محبت يقين رکي ٿي،محبت اميد رکي ٿي،محبت سھي ٿي.
8 محبت کي زوال ڪونھي.پر جتي بہ پيشنگوئيون ھونديون،سي ختم ٿي وينديون،يا جيڪي زبانون ھونديون،سي بند ٿي وينديون،يا جتي علم ھوندو تہاتي اھو ميٽجي ويندو.
9 ڇالاءِجو اسان جو علم ناقص۽ اسان جي پيشنگوئي اڻپوري آھي.
10 پر جڏھن ڪامل ايندو تہناقص ختم ٿي ويندو.
11 جڏھن آءٌ ٻار ھوس،تڏھن ٻارن وانگر ڳالھائيندو ھوس،ٻارن وانگر سمجھندو ھوس،۽ ٻارن وانگر خيال ڪندو ھوس.پر جڏھن آءٌ بالغ ٿيس،تڏھن ٻاراڻيون ڳالھيون ڇڏي ڏنم.
12 ھاڻي اسين ڄڻ تہ آئيني ۾،چٽيءَ طرح نہ ٿا ڏسي سگھون،پر پوءِ روبرو ڏسنداسين.ھاڻي آءٌ ٿورو ٿورو سڃاڻان ٿو،پر پوءِ آءٌ پوريءَ طرح سڃاڻيندس،جھڙيءَ طرح خدا مون کي سڃاتو آھي.
13 مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت،اھي ٽيئي قائم آھن.پر انھن ٽنھي ۾،محبت اتم آھي.