1 ڇا آءٌ آزاد نہ آھيان؟ ڇا آءٌ رسول نہ آھيان؟ ڇا مون عيسيٰ کي نہ ڏٺو آھي جيڪو اسان جو خداوند آھي؟ ڇا خداوند جي لاءِ اوھين منھنجي خدمت جو نتيجو نہ آھيو؟
2 جيڪڏھن ٻيا مون کي رسول نہ ٿا مڃين تہ ڀلي نہ مڃين، پر اوھان جو تہ رسول آھيان. جيئن تہ اوھين خداوند جا آھيو، سو اھا ئي منھنجي رسالت جي ثابتي آھي.
3 جن کي مون تي اعتراض آھي، تن لاءِ منھنجو جواب ھي آھي تہ
4 اسان کي کائڻ پيئڻ جو حق نہ آھي ڇا؟
5 اسان جو اھو حق نہ آھي ڇا تہ پنھنجين ديندار زالن کي پاڻ سان گڏ گھمائيندا رھون، جيئن ٻيا رسول، خداوند جا ڀائر ۽ پطرس جن ڪن ٿا؟
6 يا رڳو مون کي ۽ برنباس کي گذر سفر لاءِ پورھيو ڪرڻ گھرجي؟
7 ڇا ڪڏھن ڪو پنھنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آھي؟ ڇا اھڙو ڪو مالھي آھي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اھڙو ڪو ڌنار آھي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انھيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو ڪم آڻي؟
8 اھي ڳالھيون آءٌ انساني دستور موجب ٿو چوان. ڀلا شريعت بہ ائين نہ ٿي چوي ڇا؟
9 ڇالاءِجو موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آھي تہ”جڏھن ڪو ڍڳو ڳاھہ ۾ وھي،تڏھن ان جو ٻوٿ نہ ٻڌ.“ڇا ڀلا خدا کي رڳو ڍڳن جي ڳڻتي آھي؟
10 يا ھو خاص اسان جي لاءِ ائين ٿو فرمائي؟ ھائو، اھو اسان جي لاءِ لکيو ويو آھي، تہ جيئن ھاري اميد رکي ھر ڪاھي ۽ جيڪو اَنُ ڳاھي ٿو تنھن کي اھا اميد رکڻ گھرجي تہ کيس پوک مان حصو ملندو.
11 جيڪڏھن اسان اوھان ۾ روحاني شيون پوکيون آھن، تہ پوءِ اھا ڪا وڏي ڳالھہ ناھي جو اوھان مان اسين مادي شيون لڻون.
12 جيڪڏھن ٻيا اوھان جي حق مان حصو وٺن ٿا، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آھي ڇا؟ تنھن ھوندي بہ اسان اھو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سھندا رھون ٿا تہ متان عيسيٰ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ وجھون.
13 اوھان کي خبر ڪانھي ڇا تہ جيڪي ھيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آھن سي ھيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربانگاھہ جا خدمتگار آھن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟
14 ساڳيءَ طرح خداوند حڪم ڏنو آھي تہ خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي.
15 پر مون انھن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آھي ۽ نڪي آءٌ ھي انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان تہ اھڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پھريائين مرڻ بھتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اھو فخر کسي وٺي.
16 جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي ٿو ڪريان تہ اھا مون لاءِ ڪا فخر جي ڳالھہ ڪانھي، ڇالاءِجو ائين ڪرڻ منھنجي لاءِ تمام ضروري آھي. جيڪڏھن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي نہ ٿو ڪريان تہ منھنجي حال تي افسوس آھي.
17 سو جيڪڏھن آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان ائين ڪريان تہ انھيءَ جو اجورو مون کي ملندو. پر جيئن تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ کان سواءِ ٿو ڪريان، تہ پوءِ ڄڻ تہ اھا ھڪ ذميواري آھي جا مون کي سونپي ويئي آھي.
18 تہ پوءِ منھنجو اجورو اھو آھي تہ جڏھن خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، تڏھن اھا مفت ٻڌايان ۽ خوشخبريءَ جي ٻڌائڻ ۾ جيڪي منھنجا حق آھن سي پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.
19 آءٌ ھڪ آزاد ماڻھو آھيان ۽ ڪنھن جو بہ غلام نہ آھيان. پر مون پاڻ کي ھر ڪنھن جو غلام بڻائي ڇڏيو آھي تہ جيئن گھڻي ۾ گھڻا ماڻھو ھٿ ڪريان.
20 يھودين لاءِ آءٌ يھودين جھڙو بڻيس تہ جيئن يھودين کي ھٿ ڪريان. شريعت جي پابندن لاءِ آءٌ شريعت جو پابند بڻيس تہ جيئن شريعت جي پابندن کي ھٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ شريعت جو پابند ڪين ھوس.
21 غير قومون جيڪي شريعت کان سواءِ آھن، تن لاءِ آءٌ انھن جھڙو بڻيس تہ جيئن کين ھٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ خدا جي شريعت کان سواءِ ڪين ھوس. اھو ائين جو آءٌ مسيح جي شريعت جو پابند ھوس.
22 ڪمزورن لاءِ آءٌ ڪمزور بڻيس تہ جيئن ڪمزورن کي ھٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جھڙو ھو تنھن لاءِ آءٌ تھڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنھن نہ ڪنھن نموني آءٌ ڪن کي بچايان.
23 اھو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انھيءَ جي بخشش ۾ حصيدار ٿيان.
24 اوھان کي خبر ڪانھي ڇا تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻيئي آھن، پر انعام رڳو ھڪڙي کي ئي ملندو آھي؟ اوھين بہ ائين ئي ڊوڙو تہ جيئن انعام کٽو.
25 ھر ڪو پھلوان سڀني ڳالھين ۾ پرھيز ٿو ڪري. اھي تہ فاني تاج ملڻ لاءِ ائين ٿا ڪن، پر اسين غير فاني تاج لاءِ.
26 تنھنڪري آءٌ بنا مقصد جي نہ ٿو ڊوڙان ۽ نڪي آءٌ ھوا ۾ مڪون ٿو ھڻان،
27 بلڪ آءٌ پنھنجي بدن کي ماري ڪُٽي کيس پوري ضابطي ۾ ٿو رکان. ائين نہ ٿئي جو ٻين کي تبليغ ڪندي آءٌ پاڻ قبول نہ پوان.