1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ھن ڳالھہ کان باخبر رھو تہ اسان جا ابا ڏاڏا ڪڪر جي ڇانوَ ھيٺان ھئا ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگھي پار پيا.
2 اھڙيءَ طرح ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ سڀني ڄڻ تہ موسيٰ جي بپتسما ورتي.
5 تنھن ھوندي بہ خدا انھن مان گھڻن سان راضي نہ ھو، تنھنڪري اھي رڻپٽ ۾ مري کپي ويا.
6 ھي واقعا اسان جي لاءِ سبق آھن تہ جيئن اسين خراب شين جي خواھش نہ ڪريون، جھڙيءَ طرح انھن ٿي ڪئي.
7 نڪي اوھين بتپرست ٿيو جيئن انھن مان ڪي ٿيا. ڇالاءِجو لکيل آھي تہ”ماڻھو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا،۽ بيشرميءَ سان نچڻ ٽپڻ لاءِ اٿيا.“
8 نڪي اسان کي حرامڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انھن مان ڪن ماڻھن ڪئي ۽ ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ ٽيويھہ ھزار ڪِري مري ويا.
9 نڪي اسان کي خداوند کي آزمائڻ گھرجي، جيئن انھن مان ڪن آزمايو ۽ نانگ ڏنگي کين ماري ڇڏيو.
10 نڪي اوھين ڪُرڪو ڪنجھو، جيئن انھن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت جي فرشتي ھٿان مارجي ويا.
11 ساڻن ھي واقعا انھيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن اھي عبرت کائين ۽ اسين، جيڪي آخرين زماني ۾ آھيون، تن جي نصيحت لاءِ اھي ڳالھيون لکيون ويون آھن.
12 تنھنڪري جيڪو پاڻ کي مضبوط بيٺل ٿو سمجھي، سو خبردار ٿئي متان ڪري نہ پوي.
13 اوھان تي اھڙي آزمائش ڪانہ پيئي آھي جيڪا انسان لاءِ عام نہ ھجي. پر اوھين خدا تي ڀروسو رکي سگھو ٿا. ھو اوھان کي اھڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوھان جي سھڻ جي طاقت کان ٻاھر ھجي، بلڪ آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ اوھان کي ٺاھي ڏيندو تہ جيئن اوھين ان کي برداشت ڪري سگھو.
14 تنھنڪري اي عزيزو! بتپرستيءَ کان ڀڄو.
15 سمجھدار ماڻھو سمجھي آءٌ اوھان سان ٿو ڳالھايان ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو تنھن کي جاچي ڏسو.
16 جڏھن اسين خداوند جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي سندس شڪرانو ٿا ادا ڪريون، تڏھن مسيح جي رت ۾ شريڪ نہ آھيون ڇا؟ ۽ جڏھن اسين ماني ڀڃي کائون ٿا، تڏھن مسيح جي بدن ۾ شريڪ نہ آھيون ڇا؟
17 جيئن تہ ماني ھڪڙي آھي، تيئن جيتوڻيڪ، اسين گھڻا آھيون تہ بہ ھڪڙو بدن آھيون، ڇالاءِجو اسين سڀيئي انھيءَ ھڪڙيءَ مانيءَ ۾ شريڪ ٿا ٿيون.
18 يا وري بني اسرائيل تي نظر ڪريو. ڇا اھي قربانين کائڻ وارا قربانگاھہ جي خدمت ۾ شريڪ نہ آھن؟
19 منھنجي چوڻ جو مقصد ھي ناھي تہ جيڪو کاڌو بتن تي قربان ڪجي ٿو سو ڪا شيءِ آھي يا بت پاڻ ڪا شيءِ آھي.
20 نہ، بلڪ منھنجو مقصد ھي آھي تہ جيڪي بتن تي قربانيون ڪيون وڃن ٿيون سي ڀوتن لاءِ آھن، نہ خدا لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اوھين ڀوتن سان شريڪ ٿيو.
21 اوھين خداوند جي پيالي ۽ ڀوتن جي پيالي ٻنھي مان پي نہ ٿا سگھو ۽ اوھين خداوند جي دسترخوان ۽ ڀوتن جي دسترخوان ٻنھي تي شريڪ ٿي نہ ٿا سگھو.
22 ڇا اسين خداوند کي ساڙ ٿا ڏياريون؟ ڇا اسين ھن کان وڌيڪ زورآور آھيون؟
23 ڪن ماڻھن جي چوڻ مطابق ”سڀ شيون جائز آھن،“ ٺيڪ آھي، پر سڀيئي فائدي واريون نہ آھن. ”سڀ شيون جائز تہ آھن،“ ٺيڪ آھي، پر سڀيئي سڌارو نہ ٿيون آڻين.
24 ھر ڪو ماڻھو پنھنجو ئي ڀلو نہ پر ٻئي جو ڀلو گھري.
25 جيڪوبہ گوشت بازار ۾ وڪامي ٿو سو کائو، پر پنھنجي ضمير جي خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو.
26 جيئن لکيل آھي تہ”زمين ۽ جيڪي ڪجھہ ان ۾ آھي، سو سڀ خداوند جو ئي آھي.“
27 جيڪڏھن ڪو غير مسيحي اوھان کي مانيءَ جي دعوت ڏئي ۽ اوھين قبول ڪريو تہ جيڪي ڪجھہ اوھان جي اڳيان رکيو وڃي، سو کائو ۽ پنھنجي ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو.
28 پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ائين چوي تہ ”ھيءُ بتن تي قرباني ڪيل کاڌو آھي،“ تہ جنھن اوھان کي جتايو انھيءَ جي ڪري ۽ ضمير جي ڪري اھو نہ کائو.
29 ضمير مان منھنجو مطلب اوھان جو ضمير نہ آھي، پر انھيءَ ٻئي ماڻھوءَ جو. ڀلا، منھنجي آزادي ٻئي جي ضمير جي ڪري ڇو ٿي پرکي وڃي؟
30 جيڪڏھن آءٌ شڪر ڪري ٿو کاوان تہ جنھن ڳالھہ جي لاءِ خدا جو شڪرانو ٿو ڪريان، تنھن جي ڪري مون کي ڇو ٿو بدنام ڪيو وڃي.
31 تنھنڪري توڙي اوھين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلوي خاطر ڪريو.
32 اوھين ڪنھن کي بہ گمراھہ نہ ڪريو، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير قوم يا خدا جي ڪليسيا.
33 اھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھر ڪنھن ڳالھہ ۾ سڀ ڪنھن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنھنجي فائدي جو نہ، پر گھڻن جي فائدي جو طالبو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ جيئن کين ڇوٽڪارو ملي.