11 تہ پوءِ آءٌ ھجان يا اُھي، اسين سڀ ساڳي ئي تبليغ ڪريون ٿا ۽ اوھان انھيءَ تي ئي ايمان بہ آندو.
12 ھاڻي جيڪڏھن تبليغ ڪجي ٿي تہ مسيح مئلن مان جِي اٿيو آھي، تہ اوھان مان ڪي ڪيئن چئي سگھن ٿا تہ مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿارجن؟
13 پر جي مئل جيئرا ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جِي ڪونہ اٿيو آھي.
14 جيڪڏھن مسيح جِي ڪونہ اٿيو آھي، تہ پوءِ اسان جي تبليغ اجائي آھي ۽ اوھان جو ايمان بہ اجايو آھي.
15 پوءِ تہ اسين خدا جي باري ۾ بہ ڪوڙا شاھد ٿي پياسين، ڇوتہ اسان شاھدي ڏني آھي تہ ھن مسيح کي جياريو. پر خدا کيس نہ اٿاريو، جيڪڏھن اھو سچ آھي تہ مئل نہ ٿا اٿارجن.
16 جيڪڏھن مئل جياري نہ ٿا اٿارجن تہ پوءِ مسيح بہ نہ اٿاريو ويو آھي،
17 ۽ جيڪڏھن مسيح جياري نہ اٿاريو ويو آھي تہ اوھان جو ايمان اجايو آھي ۽ اوھين اڃا تائين پنھنجن گناھن ۾ غرق آھيو.