36 اي بيوقوف! جيڪو ٻج پوکجي ٿو، سو جيستائين مري نہ ٿو تيستائين ڦٽي نہ ٿو.
37 اھڙيءَ طرح جيڪو تون پوکين ٿو سو اھو جسم نہ آھي جيڪو پيدا ٿيڻ وارو آھي پر رڳو داڻو آھي، پوءِ اھو ڪڻڪ جو ھجي يا ڪنھن ٻي جنس جو.
38 خدا کي جيئن وڻي ٿو تيئن انھيءَ ٻج کي جسم ڏئي ٿو، بلڪ ھر ھڪ ٻج کي پنھنجو پنھنجو جسم عطا ڪري ٿو.
39 سڀني جو جسم ھڪجھڙو نہ ٿيندو آھي. انسانن جو جسم ھڪ قسم جو آھي تہ چوپاين جو ٻيءَ طرح، پکين جو ھڪڙو تہ مڇين جو ٻيو.
40 آسماني جسم بہ آھن ۽ زميني بہ. پر آسمان وارن جو جلوو ھڪڙو آھي تہ زمين وارن جو وري ٻيو.
41 سج جو ھڪ جلوو آھي تہ چنڊ جو وري ٻيو جلوو آھي ۽ تارن جو اڃا وري ٻيو جلوو آھي. ھر ھڪ تارو وري ٻئي تاري کان جلوي ۾ جدا جدا آھي.
42 اھو ئي حال آھي مئلن جي جِي اٿڻ جو، يعني جيڪو جسم فنا جي حالت ۾ پورجي ٿو سو بقا جي حالت ۾ جيارجي ٿو.