13 تہ سندس ڪم ظاھر ٿي پوندو، ڇالاءِجو انھيءَ ڪم کي آخرت جو ڏينھن پڌرو ڪندو. اھو ڏينھن باھہ سان ظاھر ٿيندو ۽ اھا باھہ ھر ڪنھن جو ڪم پرکيندي تہ ڪھڙي قسم جو آھي.
14 جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو انھيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽاءُ ڪندو تہ کيس ان جو اجورو ملندو.
15 جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪم سڙي ويندو تہ کيس نقصان پوندو، پر ھو پاڻ سڙندي سڙندي بچي ويندو.
16 اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھين خدا جو گھر آھيو ۽ خدا جو روح اوھان ۾ رھي ٿو؟
17 جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا جي گھر کي برباد ڪندو تہ خدا انھيءَ ماڻھوءَ کي برباد ڪندو، ڇالاءِجو خدا جو گھر پاڪ آھي ۽ اھو گھر اوھين ئي آھيو.
18 ڪوبہ ماڻھو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏھن اوھان منجھان ڪو ماڻھو ڀانئين تہ ھن زماني جي لحاظ کان ڏاھو ليکجان، تہ پوءِ کيس بيوقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن ھو ڏاھو ٿي پوي.
19 ڇالاءِجو ھن جھان جي ڏاھپ خدا جي آڏو بيوقوفي آھي. جيئن لکيل آھي تہ”خدا ڏاھن کيسندن چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“