19 ڇالاءِجو ھن جھان جي ڏاھپ خدا جي آڏو بيوقوفي آھي. جيئن لکيل آھي تہ”خدا ڏاھن کيسندن چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“
20 ٻي ھنڌ لکيل آھي تہ”خداوند ڄاڻي ٿو تہڏاھن جا خيال اجايا آھن.“
21 تنھنڪري انسان تي ڪوبہ فخر نہ ڪري، ڇالاءِجو سڀ شيون اوھان جون آھن،
22 جيئن تہ پولس، اپلوس، پطرس، ھيءَ دنيا، ھيءَ زندگي ۽ موت، حال ۽ مستقبل، اِھي سڀيئي اوھان جا آھن.
23 اوھين سڀيئي مسيح جا آھيو ۽ مسيح خدا جو آھي.