3 جيتوڻيڪ منھنجو جسم اوھان وٽ حاضر نہ آھي پر منھنجو روح حاضر آھي. سو مون ڄڻ تہ پنھنجي موجودگيءَ ۾ اڳ ئي اھڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ فتويٰ ڏئي ڇڏي آھي.
4 اھا فتويٰ ھيءَ آھي تہ اوھين منھنجي روح سان گڏجي اسان جي خداوند عيسيٰ جي نالي، سندس قدرت سان
5 اھڙي شخص جي جسماني خواھشن کي برباد ڪرڻ لاءِ کيس شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو تہ جيئن سندس روح خداوند جي ڏينھن بچي وڃي.
6 اوھان جو فخر ڪرڻ چڱو نہ آھي. اوھين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خميرو ساري ڳوھيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آھي.
7 پراڻو خميرو ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوھين نج اٽو بڻجي پئو. سچپچ تہ اوھين بيخميرا آھيو، ڇالاءِجو اسان جي عيد فصح جو گھيٽو يعني مسيح قربان ٿي ويو آھي.
8 تنھنڪري اچو تہ عيد ڪريون، پر نہ پراڻي خميري يعني برائيءَ ۽ شرارت جي خميري سان، بلڪ صافدليءَ ۽ سچائيءَ جي بيخميري مانيءَ سان.
9 مون پنھنجي خط ۾ اوھان ڏانھن لکيو ھو تہ زناڪارن سان صحبت نہ رکجو.