18 جيڪڏھن خدا ڪنھن کي طھريل ئي چونڊيو آھي تہ ھو طھر جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏھن خدا ڪنھن کي اڻطھريل چونڊيو آھي تہ ھو طھر نہ ڪرائي.
19 طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر خدا جي حڪمن تي ھلڻ ئي سڀ ڪجھہ آھي.
20 جنھن کي خدا جھڙيءَ حالت ۾ سڏيو آھي، سو انھيءَ ئي حالت ۾ رھي.
21 جيڪڏھن خدا جي سڏڻ وقت تون غلام آھين تہ فڪر نہ ڪر. پر جيڪڏھن تون آزاد ٿي سگھين ٿو تہ موقعو ھٿان نہ وڃاءِ.
22 تنھن ھوندي بہ جڏھن ڪو غلام خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو خداوند جو آزاد ڪيل آھي. ساڳيءَ طرح جڏھن ڪو آزاد ماڻھو خداوند طرفان چونڊيو ويو آھي تہ ھو مسيح جو غلام آھي.
23 اوھين تہ مُلھہ ورتل آھيو، سو ماڻھن جا غلام نہ ٿيو.
24 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪو جنھن حالت ۾ چونڊيو ويو آھي، سو انھيءَ حالت ۾ خدا سان رھي.