29 پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي ھيترو ٿو چوان تہ وقت تنگ ٿي چڪو آھي. ھاڻي کان وٺي زالن وارا ڇڙن جھڙا ٿي رھن.
30 روئڻ وارا ائين روئن ڄڻ تہ روئن ئي نہ ٿا، خوشي ڪرڻ وارا ائين خوشي ڪن ڄڻ تہ خوشي ڪن ئي نہ ٿا، خريد ڪرڻ وارا ائين ٿين جو ڄڻ تہ وٽن ڪابہ ملڪيت ڪانھي.
31 دنيا جو ڪاروبار ڪرڻ وارا انھيءَ ۾ ئي غلطان ٿي نہ وڃن، ڇالاءِجو ھن دنيا جو رنگ ڍنگ تبديل ٿيندو ٿو وڃي.
32 منھنجي خواھش اھا آھي تہ جيئن اوھين فڪرن کان آزاد رھو. اڻپرڻيل کي خداوند جي ڳالھين بابت فڪر رھي تہ ھو ڪھڙيءَ طرح خداوند کي راضي ڪري.
33 پر پرڻيل کي دنيا جي ڳالھين جو فڪر رھي ٿو تہ ھو ڪيئن پنھنجي زال کي راضي ڪري، تنھنڪري ھو ٻہدليو آھي.
34 اڻپرڻيل يعني ڪنواري عورت خداوند جي ڳالھين بابت انھيءَ فڪر ۾ آھي تہ ھوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان پاڪ رھي. پر جيڪا پرڻيل آھي، تنھن کي اھو فڪر آھي تہ ھوءَ ڪيئن مڙس کي راضي ڪري.
35 اھو آءٌ اوھان کي اوھان جي فائدي لاءِ ٿو چوان نڪي ڦاسائڻ لاءِ، تہ جيئن اوھين يڪدلا ٿي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رھو.