2 ڇالاءِجو جيڪڏھن آءٌ اوھان کي غمگين ڪريان تہ مون کي سواءِ انھيءَ جي ڪير خوش ڪندو، جيڪو منھنجي ڪري غمگين ٿيو آھي،
3 ۽ مون انھيءَ ڪري اوھان کي لکيو ھو تہ متان جڏھن آءٌ اچان تہ جن کان مون کي خوشي ٿيڻ گھرجي، تن کان مون کي ڏک پھچي. ڇالاءِجو اوھان سڀني جي لاءِ آءٌ يقين رکان ٿو تہ منھنجي خوشيءَ ۾ ئي اوھان سڀني جي خوشي آھي.
4 مون اوھان ڏانھن گھڻي ڏک ۽ دلگيريءَ سان ڳوڙھا ڳاڙيندي خط لکيو، انھيءَ لاءِ نہ، تہ اوھان کي غمگين ڪريان، پر ان ڪري جو اوھين ڄاڻو تہ منھنجو اوھان سان ڪيترو نہ گھڻو پيار آھي.
5 جيڪڏھن ڪنھن مون کي رنجايو آھي تہ انھيءَ رڳو مون کي نہ، پر ٿورو گھڻو اوھان سڀني کي بہ رنجايو آھي. پر آءٌ انھيءَ ڳالھہ کي وڌائڻ نہ ٿو چاھيان.
6 اھا سزا جيڪا اوھان مان گھڻن ماڻھن جي طرفان کيس ملي، سا اھڙي ماڻھوءَ لاءِ ڪافي آھي.
7 ھاڻي ان جي بدران اوھان کي گھرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيو، متان اھو ماڻھو غم ۾ غرق نہ ٿي وڃي.
8 تنھنڪري آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ کيس يقين ڏياريو تہ اوھين ساڻس پيار ٿا ڪريو.