2.ڪرنٿين 11 SCLNT

پولس ۽ ڪوڙا رسول

1 ڪاش! اوھين منھنجي ٿورڙي بي⁠وقوفيءَ کي برداشت ڪري سگھو. ھا، ضرور برداشت ڪريو.

2 مون کي اوھان لاءِ خدا جھڙي غيرت آھي. انھيءَ ڪري ئي مون اوھان کي ھڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو، تہ جيئن اوھان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر ھن وٽ حاضر ڪريان.

3 پر مون کي اھو ڊپ آھي تہ جيئن نانگ پنھنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنھن نموني اوھان جون دليون بہ انھيءَ سادگيءَ ۽ پاڪائيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح لاءِ ھئڻ گھرجن.

4 جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ڪنھن ٻئي عيسيٰ جي منادي ٿو ڪري جنھن جي اسان نہ ڪئي، يا جيڪڏھن ڪو ٻيو روح اوھان کي ملي ٿو جيڪو مليل پاڪ روح کان مختلف آھي، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جيڪا اوھان قبول نہ ڪئي ھئي، تہ پوءِ اھو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انھيءَ کي برداشت ٿا ڪريو؟

5 ڇالاءِ⁠جو جن رسولن کي اوھين تمام وڏو ٿا چئو، آءٌ پاڻ کي تن کان ذرو بہ گھٽ نہ ٿو سمجھان.

6 پر جيڪڏھن آءٌ تقرير ۾ بي⁠ھنر آھيان تہ بہ علم ۾ اھڙو نہ آھيان. اھا ڳالھہ اسان ھر وقت ۽ ھر حالت ۾ اوھان جي اڳيان ظاھر ڪري ڇڏي آھي.

7 مون اوھان کي خدا جي خوشخبري مفت ۾ ٻڌائي ۽ پنھنجو پاڻ کي ھيٺ ڪيو تہ جيئن اوھين مٿي ٿيو. ڇا اھو ئي منھنجو گناھہ آھي؟

8 مون ٻين ڪليسيائن کي ڄڻ تہ ڦريو، يعني انھن کان اجورو ورتم تہ جيئن اوھان جي خدمت ڪريان.

9 جڏھن آءٌ اوھان وٽ ھوس ۽ محتاج ٿي پيس تڏھن بہ آءٌ ڪنھن تي بار ڪين ٿيس. ڇالاءِ⁠جو مڪدونيا مان ايمان وارن اچي منھنجون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون ھر ڳالھہ ۾ اوھان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي باز رکيو ۽ آئيندہ بہ باز رکندو رھندس.

10 مسيح جي سچائي جيڪا مون ۾ آھي، تنھن موجب چوان ٿو تہ اخيا جي سمورن علائقن ۾ مون کي انھيءَ فخر ڪرڻ کان ڪوبہ نہ روڪيندو.

11 آءٌ ائين ڇو ٿو چوان؟ ڇا انھيءَ لاءِ تہ آءٌ اوھان سان پيار نہ ٿو ڪريان؟ خدا ڄاڻي ٿو تہ آءٌ اوھان سان ڪيڏو نہ پيار ٿو ڪريان.

12 پر جيڪي ڪجھہ آءٌ ڪريان ٿو سو ئي ڪندو رھندس، تہ جيئن موقعي جي تاڙ ۾ رھندڙن کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيان جو اھي فخر سان چون تہ ھو اسان جھڙي ئي خدمت ڪن ٿا.

13 ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو ڪوڙا رسول ۽ دغابازيءَ سان ڪم ڪندڙ آھن. اھي ويس مٽائي پنھنجو پاڻ کي مسيح جي رسولن جھڙو ٿا بڻائين.

14 انھيءَ ۾ ڪوبہ عجب ڪونھي، ڇالاءِ⁠جو شيطان بہ ويس مٽائي پنھنجو پاڻ کي ھڪ نوراني ملائڪ جھڙو بڻائي ٿو.

15 تنھنڪري جيڪڏھن شيطان جا خادم بہ پنھنجو ويس مٽائي پاڻ کي سچائيءَ جي خادمن جھڙو ٿا بڻائين تہ ڪو عجب ڪونھي. پر انھن جي پڇاڙي سندن ڪمن جھڙي ٿيندي.

پولس جا ڏک ڏاکڙا

16 آءٌ وري بہ ٿو چوان تہ مون کي ڪوبہ بي⁠وقوف نہ سمجھي. پر جيڪڏھن اوھين ائين سمجھو ٿا تہ مون کي بي⁠وقوف ئي سمجھي قبول ڪريو، تہ جيئن آءٌ بہ ٿورو فخر تہ ڪريان.

17 جيڪي ڪجھہ آءٌ ھاڻي چوان ٿو سو خداوند جي طرفان نہ، بلڪ ڄڻ تہ ھڪ بي⁠وقوف وانگر پنھنجو پاڻ تي فخر ڪري چوان ٿو.

18 جڏھن تہ ٻيا گھڻا ئي ماڻھو جسماني طور فخر ڪن ٿا، تڏھن آءٌ بہ فخر ڪندس.

19 ڇالاءِ⁠جو اوھين پاڻ ايترا ڏاھا ھوندي بہ خوشيءَ سان بي⁠وقوفن جون ڳالھيون برداشت ڪريو ٿا.

20 ھن ڪري جو جيڪڏھن ڪو اوھان کي غلام ٿو بڻائي، يا اوھان کان غير واجبي فائدو ٿو وٺي، يا اوھان کي دوکو ٿو ڏئي، يا پنھنجي وڏائي ٿو ڪري يا اوھان جي منھن تي چماٽ ٿو ھڻي تہ اوھين برداشت ٿا ڪريو.

21 آءٌ شرمندگيءَ سان چوان ٿو تہ ڄڻ تہ اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪمزور ھئاسين.پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڳالھہ تي فخر ڪرڻ ۾ دلير آھي تہ آءٌ بي⁠وقوفيءَ سان ئي چوان ٿو تہ آءٌ بہ دلير آھيان.

22 ڇا ھو ئي عبراني آھن؟ آءٌ بہ آھيان. ڇا ھو ئي بني اسرائيل آھن؟ آءٌ بہ آھيان. ڇا ھو ئي ابراھيم جي نسل مان آھن؟ آءٌ بہ آھيان.

23 ڇا ھو ئي مسيح جا خادم آھن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالھايان ٿو تہ آءٌ انھن کان بھتر خادم آھيان. مون انھن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آھي. آءٌ انھن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رھيو آھيان. مون انھن کان وڌيڪ چھبڪ کاڌا آھن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منھن ۾ ويو آھيان.

24 مون يھودين جي ھٿان پنج دفعا اوڻيتاليھہ اوڻيتاليھہ چھبڪ کاڌا.

25 ٽي دفعا مون کي لڪڻن سان مار ملي، ھڪ دفعو پٿر ھنيا ويا، ٽي دفعا سامونڊي جھاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس ۽ ھڪ رات ۽ ھڪ ڏينھن وچ سمنڊ ۾ گذاريم.

26 آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رھيو آھيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنھنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شھر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾.

27 مون محنت ۽ مشقت ڪئي آھي، اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آھن، بک ۽ اُڃ ۾ اڪثر فاقن ۾ گذاريو آھي ۽ سرديءَ ۽ اگھاڙپ ۾ رھيو آھيان.

28 ٻين ڳالھين کان سواءِ ھيءَ ڳالھہ ھر روز مون تي بار وانگر ٿي رھي، يعني سڀني ڪليسيائن جي ڳڻتي.

29 ڪنھن کي ڪمزور ڏسي آءٌ ڪمزوري محسوس نہ ٿو ڪريان ڇا؟ جڏھن ڪو گمراھہ ٿو ٿئي تہ ڇا منھنجي دل نہ ٿي جلي؟

30 جيڪڏھن مون کي فخر ڪرڻو پيو تہ آءٌ انھن ڳالھين تي فخر ڪندس، جيڪي منھنجي ڪمزوري ظاھر ڪن ٿيون.

31 خداوند عيسيٰ جو خدا ۽ پيءُ، جنھن جي ھميشہ تائين واکاڻ ھجي، سو ڄاڻي ٿو تہ آءٌ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.

32 دمشق جي گورنر، جيڪو اريتاس بادشاھہ جي ھٿ ھيٺ ھو، تنھن مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ دمشقين جي شھر تي پھرو بيھاري ڇڏيو ھو.

33 پر آءٌ ھڪڙي دريءَ مان ٽوڪري جي ذريعي ڀت تان ھيٺ لاٿو ويس ۽ ھن جي ھٿان بچي نڪتس.

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13