1 سو اسان تي خدا جو اھڙو رحم ٿيو آھي، جو اسان کي ھيءَ خدمت ملي آھي. تنھنڪري اسين ھمت نہ ٿا ھاريون،
2 بلڪ اسان بيشرميءَ واريون ۽ لڪل ڳالھيون ڇڏي ڏنيون آھن. اسين ٺڳيءَ سان نہ ٿا ھلون ۽ نڪي خدا جي ڪلام ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري خدا جي آڏو ھر ھڪ ماڻھوءَ جي دل ۾ پنھنجي نيڪي ٿا ڄمايون.
3 پر جيڪڏھن اسان جي خوشخبريءَ تي پردو پيل آھي تہ اھا خوشخبري انھن جي ئي لاءِ ڍڪيل آھي جيڪي ناس ٿي رھيا آھن.
4 اھي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇالاءِتہ جنھن کي ھن زماني جا ماڻھو خدا ڪري مڃين ٿا ان خدا، يعني شيطان انھن جي عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي. ھو نہ ٿو چاھي تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آھي، تنھن جي جلال جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني انھن تي پوي.
5 ڏسو، اسين پنھنجي نہ پر عيسيٰ مسيح جي تبليغ ڪريون ٿا تہ ھو خداوند آھي. پنھنجي لاءِ ھيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوھان جا خادم آھيون.
6 ڇاڪاڻتہ خدا، جنھن فرمايو تہ ”اونداھيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنھن اھا اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن اسين عيسيٰ مسيح جي چھري کي ڏسي ڪري خدا جي شان کي سڃاڻي سگھون.
7 پر اھو روحاني خزانو مٽيءَ جي ٿانون، يعني اسان جي جسمن ۾ رکيل آھي تہ جيئن خبر پوي تہ اھا تمام گھڻي قدرت اسان جي نہ پر خدا جي آھي.
8 اسين ھر طرف کان مصيبتن ۾ دٻايا وڃون ٿا، پر چيڀاٽجي ڪونہ ٿا وڃون، پريشان تہ ٿيون ٿا پر نااميد نہ ٿا ٿيون.
9 ستايل آھيون پر اڪيلا نہ ٿا ڇڏيا وڃون، ڪيرايل آھيون تڏھن بہ ناس نہ ٿيا آھيون.
10 جھڙيءَ طرح عيسيٰ موت جھڙي زندگي گذاريندو ھو، تھڙيءَ طرح اسين بہ ھر وقت موت جي منھن ۾ آھيون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي جسم ۾ ظاھر ٿئي.
11 ڇالاءِجو اسين ھميشہ عيسيٰ جي خاطر جيئري ئي موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاھر ٿئي.
12 ائين اسان ۾ موت، پر اوھان ۾ زندگي اثر ڪري ٿي.
13 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”مون ايمان آندو، تنھنڪري مون ڳالھايو.“ اسان جو ايمان بہ ساڳيو ئي آھي. اھڙيءَ ريت اسين ايمان آڻيون ٿا، تنھنڪري ڳالھايون ٿا.
14 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن خداوند عيسيٰ مسيح کي مئلن مان جياريو، سو اسان کي بہ عيسيٰ سان گڏ جياريندو ۽ اوھان سان گڏ پاڻ وٽ حاضر ڪندو.
15 ھي سڀ ڪجھہ اوھان جي واسطي آھي. جيئن گھڻن ماڻھن جي ڪري فضل وڌيڪ ٿيندو پيو وڃي، تيئن شڪرانو بہ وڌندو پيو وڃي، جنھن سان خدا جي واکاڻ ٿئي ٿي.
16 تنھنڪري اسين ھمت نہ ٿا ھاريون. جيتوڻيڪ جسماني طرح اسين فنا ٿيندا ٿا وڃون، تڏھن بہ روحاني طرح ڏينھون ڏينھن نوبنو ٿيندا پيا وڃون.
17 جيڪا مصيبت اسين سھون ٿا اھا ھلڪي ۽ ٿوري دير جي لاءِ آھي. اھا اسان جي لاءِ اھڙو دائمي جلوو پيدا ٿي ڪري جيڪو حد کان وڌيڪ ڳؤرو آھي.
18 سو اسين ڏٺل شين تي نہ، بلڪ اڻڏٺل شين تي نظر ڪريون ٿا. ڇالاءِجو جيڪي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون سي عارضي آھن ۽ جيڪي نہ ٿيون ڏسجن سي دائمي آھن.