1 اي پيارا دوستو! جڏھن اسان سان اھڙا واعدا ڪيا ويا آھن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي ھر انھيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنھي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.
2 اسان کي پنھنجين دلين ۾ جاءِ ڏيو. اسان ڪنھن سان بہ ظلم نہ ڪيو آھي، نڪي ڪنھن کي بگاڙيو آھي ۽ نڪي ڪنھن کي ٺڳيو آھي.
3 آءٌ اوھان تي الزام ھڻڻ خاطر ائين نہ ٿو چوان، ڇالاءِجو مون اڳي ئي چئي ڇڏيو آھي تہ اوھان لاءِ اسانجين دلين ۾ اھڙي جاءِ آھي جو اسين جيئڻ ۽ مرڻ ۾ ھميشہ گڏ آھيون.
4 مون کي اوھان تي تمام گھڻو اعتبار آھي. آءٌ اوھان تي ڏاڍو فخر ٿو ڪريان. مون کي پوري تسلي آھي. تنھنڪري جيڪا بہ مصيبت اسان تي اچي ٿي، تنھن ۾ آءٌ تمام گھڻو خوش رھندو آھيان.
5 جڏھن اسين مڪدونيا ۾ آياسين تڏھن بہ اسان کي آرام نہ مليو، پر ھر طرف کان مصيبت ۾ گرفتار ٿي وياسين. ٻاھر جھيڙا جھڳڙا ھئا ۽ اندر خوف خطرا.
6 پر خدا، جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آھي، تنھن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.
7 اسان کي نہ رڳو ھن جي اچڻ ڪري تسلي ملي، پر انھيءَ تسليءَ جي ڪري بہ جيڪا ھن کي اوھان کان ملي. ھن اسان کي ٻڌايو تہ اوھين مون کي ڏسڻ لاءِ ڪيترو نہ شوق رکو ٿا، ڪيڏو نہ غم اٿوَ ۽ منھنجي ساٿ ڏيڻ لاءِ ڪيترو نہ تيار آھيو. انھيءَ ڪري آءٌ اڃا بہ وڌيڪ خوش ٿيس.
8 جيتوڻيڪ منھنجي خط اوھان کي غمگين ڪيو، تڏھن بہ ان لکئي تي آءٌ نہ ٿو پڇتايان. جيڪڏھن پڇتايو ھوم تہ اھو ڏسي ڪري تہ خط اوھان کي صرف ٿوري دير لاءِ غمگين ڪيو.
9 ھاڻي آءٌ خوش آھيان، انھيءَ لاءِ نہ تہ اوھين غمگين ٿيا آھيو، پر انھيءَ لاءِ تہ اوھان جي غمگينيءَ جو اھو نتيجو نڪتو جو اوھان توبھہ ڪئي. سو اوھان جي غمگيني خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھنڪري اسان جي طرفان اوھان کي ڪنھن بہ قسم جو نقصان نہ پھتو.
10 ڇالاءِجو اھڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آھي سو توبھہ پيدا ٿو ڪري. اھڙي توبھہ جنھن جو نتيجو ڇوٽڪارو آھي، تنھن ۾ ڪوبہ پڇتاءُ نہ ٿو ٿئي. پر دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري.
11 ڏسو، اوھان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب ھئي، تنھن اوھان ۾ ڪھڙي نہ سرگرمي ۽ پاڻ کي بيڏوھي ثابت ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ڪھڙي نہ رنجش، ڪھڙو نہ خوف، ڪھڙي نہ سڪ ۽ ڪھڙو نہ شوق پيدا ڪيو ۽ اوھين ڪھڙيءَ طرح بدڪار کي سيکت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. اوھان ھر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوھين ھن معاملي ۾ بيڏوھي آھيو.
12 جيتوڻيڪ مون اوھان ڏانھن لکيو ھو، سو نہ تہ انھيءَ لاءِ جنھن ڏوھہ ڪيو ۽ نڪي ان لاءِ جنھن جو ڏوھہ ڪيائين. پر لکڻ جو مقصد ھو تہ اوھان کي جيڪا اسان لاءِ ڳڻتي آھي سا خدا جي آڏو اوھان تي ظاھر ٿئي.
13 تنھنڪري اسان کي تسلي ملي آھي.انھيءَ تسليءَ کان سواءِ اسان کي طيطس جي خوشيءَ جي ڪري بہ نھايت گھڻي خوشي ٿي. ڇالاءِجو اوھان سڀني جي مدد سان ھن جي دل کي سڪون مليو آھي.
14 پر جيڪڏھن مون ھن جي اڳيان اوھان جي بابت ڪو فخر ظاھر ڪيو ھو تہ آءٌ شرمندو نہ ٿيو ھوس. ڇالاءِجو جيئن اسان اوھان کي سڀ ڳالھيون سچائيءَ سان چيون آھن، تيئن جيڪو فخر مون طيطس جي اڳيان ڪيو ھو سو بہ سچو ثابت ٿيو.
15 جڏھن ھن کي اوھان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي تہ ڪھڙيءَ طرح ادب ۽ تابعداري ڪندي اوھان ھن سان گڏيا ھئا، تڏھن سندس دلي محبت اوھان لاءِ گھڻي وڌي ٿي وڃي.
16 آءٌ خوش آھيان، ڇالاءِجو ھر ڳالھہ ۾ مون کي اوھان جي طرفان خاطري آھي.