1 ھيءُ خط مون پولس ۽ اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان آھي. مون کي خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول ڪري چونڊيو ويو.
2 ھي ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانھن موڪلجي ٿو، يعني انھن ماڻھن ڏانھن جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڪ ڪيا ويا آھن ۽ خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا ويا آھن. ھي انھن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي ھر ھنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انھن جو ۽ اسان جو خداوند آھي.
3 شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.
4 آءٌ اوھان لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪندو رھان ٿو، ڇالاءِجو ھن عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان تي فضل ڪيو آھي،
5 جو اوھين ساڻس گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھر طرح جي ڪلام ڪرڻ ۽ علم جي لحاظ کان دولتمند ٿي ويا آھيو.
6 تنھنڪري مسيح جي شاھدي اوھان ۾ قائم ٿي آھي،
7 ايتري تائين جو جيستائين اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ جا منتظر آھيو، اوھان ۾ ڪنھن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ ٿيندي.