1.ڪرنٿين 1:11-17 SCLNT

11 جڏھن تہ ڪلوئيءَ جي گھر وارن مون کي ٻڌايو آھي تہ اوھان ڀائرن ۽ ڀينرن جا ھڪ ٻئي سان ڪافي جھيڙا جھڳڙا آھن.

12 منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آھيان.“

13 مسيح ورھائجي ويو آھي ڇا؟ ڇا پولس کي اوھان جي لاءِ صليب تي چاڙھي ماريو ويو؟ يا اوھان پولس جي نالي تي بپتسما ورتي ھئي ڇا؟

14 آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوھان مان سواءِ ڪرسپس ۽ گيُس جي ٻئي ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ڏني آھي.

15 سو ڪوبہ چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس منھنجي نالي تي بپتسما ڏني ويئي ھئي.

16 ھا، مون استفناس ۽ سندس گھراڻي کي بہ بپتسما ڏني آھي. پر انھن کان سواءِ مون کي نہ ٿو سُجھي تہ ڪنھن ٻئي کي بپتسما ڏني ھجي.

17 ڇالاءِ⁠جو مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آھي ۽ اھا بہ ڏاھپ جي لفظن سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙھي جان ڏيڻ بي⁠اثر ٿئي.