1.ڪرنٿين 1:21-27 SCLNT

21 ڇالاءِ⁠جو خدا پنھنجي ڏاھپ سان ماڻھن لاءِ اھو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ ھو پنھنجي ذاتي ڏاھپ سان کيس سڃاڻين. تنھنڪري خدا جي مرضي ٿي تہ ھو انھن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام تي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اھو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.

22 يھودي تہ ثابتيءَ لاءِ معجزا گھرندا آھن ۽ يونان وارا ڏاھپ جا ڳولائو ھوندا آھن.

23 پر اسين مسيح جو پيغام ٿا ڏيون، جنھن کي صليب تي چاڙھيو ويو، جيڪو يھودين جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.

24 پر جيڪي خدا جا چونڊيل آھن، توڙي جو يھودي ھجن يا يوناني، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاھپ آھي.

25 ڇالاءِ⁠جو جيڪا خدا جي بي⁠وقوفي ڀانئجي ٿي، سا ماڻھن جي ڏاھپ کان وڌيڪ آھي ۽ جيڪا خدا جي ڪمزوري ليکجي ٿي، سا ماڻھن جي طاقت کان وڌيڪ آھي.

26 ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ياد ڪريو تہ انھيءَ وقت اوھين ڇا ھئا، جڏھن خدا اوھان کي چونڊيو. ماڻھن جي نظر ۾ تہ اوھان مان ڪي ٿورا ڏاھا، ٿورا طاقتور ۽ ٿورا اميرزادا ھئا.

27 پر خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان بي⁠وقوف ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ ڏاھن کي شرمندو ڪري. خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان ڪمزوري ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري.