5 جو اوھين ساڻس گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھر طرح جي ڪلام ڪرڻ ۽ علم جي لحاظ کان دولتمند ٿي ويا آھيو.
6 تنھنڪري مسيح جي شاھدي اوھان ۾ قائم ٿي آھي،
7 ايتري تائين جو جيستائين اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ جا منتظر آھيو، اوھان ۾ ڪنھن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ ٿيندي.
8 خدا اوھان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏينھن بيداغ ٺھرايا وڃو.
9 خدا سچو آھي، جنھن پنھنجي فرزند، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحبت لاءِ اوھان کي چونڊيو آھي.
10 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ يڪ راءِ ٿيو، تہ جيئن اوھان ۾ ڪابہ اڻبڻت پيدا نہ ٿئي. اوھين يڪ دل ۽ يڪ راءِ ٿي پاڻ ۾ مڪمل ٻڌي ڪريو.
11 جڏھن تہ ڪلوئيءَ جي گھر وارن مون کي ٻڌايو آھي تہ اوھان ڀائرن ۽ ڀينرن جا ھڪ ٻئي سان ڪافي جھيڙا جھڳڙا آھن.