1.ڪرنٿين 1:8-14 SCLNT

8 خدا اوھان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏينھن بي⁠داغ ٺھرايا وڃو.

9 خدا سچو آھي، جنھن پنھنجي فرزند، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحبت لاءِ اوھان کي چونڊيو آھي.

10 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين سڀيئي پاڻ ۾ يڪ راءِ ٿيو، تہ جيئن اوھان ۾ ڪابہ اڻ⁠بڻت پيدا نہ ٿئي. اوھين يڪ دل ۽ يڪ راءِ ٿي پاڻ ۾ مڪمل ٻڌي ڪريو.

11 جڏھن تہ ڪلوئيءَ جي گھر وارن مون کي ٻڌايو آھي تہ اوھان ڀائرن ۽ ڀينرن جا ھڪ ٻئي سان ڪافي جھيڙا جھڳڙا آھن.

12 منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آھيان.“

13 مسيح ورھائجي ويو آھي ڇا؟ ڇا پولس کي اوھان جي لاءِ صليب تي چاڙھي ماريو ويو؟ يا اوھان پولس جي نالي تي بپتسما ورتي ھئي ڇا؟

14 آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوھان مان سواءِ ڪرسپس ۽ گيُس جي ٻئي ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ڏني آھي.