1.ڪرنٿين 10:7-13 SCLNT

7 نڪي اوھين بت⁠پرست ٿيو جيئن انھن مان ڪي ٿيا. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”ماڻھو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا،۽ بي⁠شرميءَ سان نچڻ ٽپڻ لاءِ اٿيا.“

8 نڪي اسان کي حرامڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انھن مان ڪن ماڻھن ڪئي ۽ ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ ٽيويھہ ھزار ڪِري مري ويا.

9 نڪي اسان کي خداوند کي آزمائڻ گھرجي، جيئن انھن مان ڪن آزمايو ۽ نانگ ڏنگي کين ماري ڇڏيو.

10 نڪي اوھين ڪُرڪو ڪنجھو، جيئن انھن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت جي فرشتي ھٿان مارجي ويا.

11 ساڻن ھي واقعا انھيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن اھي عبرت کائين ۽ اسين، جيڪي آخرين زماني ۾ آھيون، تن جي نصيحت لاءِ اھي ڳالھيون لکيون ويون آھن.

12 تنھنڪري جيڪو پاڻ کي مضبوط بيٺل ٿو سمجھي، سو خبردار ٿئي متان ڪري نہ پوي.

13 اوھان تي اھڙي آزمائش ڪانہ پيئي آھي جيڪا انسان لاءِ عام نہ ھجي. پر اوھين خدا تي ڀروسو رکي سگھو ٿا. ھو اوھان کي اھڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوھان جي سھڻ جي طاقت کان ٻاھر ھجي، بلڪ آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ اوھان کي ٺاھي ڏيندو تہ جيئن اوھين ان کي برداشت ڪري سگھو.