15 پر ڇا وڏا وار عورت لاءِ شان نہ آھن؟ ڇالاءِجو وڏا وار کيس پردي جي لاءِ ڏنا ويا آھن.
16 جيڪڏھن ڪو انھيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آھي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“
17 ھيٺين ھدايتن ۾ آءٌ اوھان جي ساراھہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻتہ اوھان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي.
18 اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ آيو آھي تہ ڪليسيا جي گڏ ٿيڻ وقت اوھان ۾ اڻبڻت پيدا ٿئي ٿي ۽ انھيءَ ڳالھہ تي مون کي ٿورو گھڻو اعتبار بہ اچي ٿو.
19 اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن.
20 سو اوھين جڏھن بہ پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏھن اوھين جيڪي ڪجھہ کائو ٿا سو خداوند جي يادگيريءَ جي ماني ڪينھي.
21 ڇالاءِجو جڏھن اوھين کائو ٿا، تڏھن ھر ڪو پنھنجي ماني ٻئي کان اڳ ۾ کايو ٿو وٺي. ھڪڙو بکايل رھجي وڃي ٿو تہ ٻيو نشي ۾ چور ٿيو پوي.