1.ڪرنٿين 11:17-23 SCLNT

17 ھيٺين ھدايتن ۾ آءٌ اوھان جي ساراھہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي.

18 اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ آيو آھي تہ ڪليسيا جي گڏ ٿيڻ وقت اوھان ۾ اڻ⁠بڻت پيدا ٿئي ٿي ۽ انھيءَ ڳالھہ تي مون کي ٿورو گھڻو اعتبار بہ اچي ٿو.

19 اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن.

20 سو اوھين جڏھن بہ پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏھن اوھين جيڪي ڪجھہ کائو ٿا سو خداوند جي يادگيريءَ جي ماني ڪينھي.

21 ڇالاءِ⁠جو جڏھن اوھين کائو ٿا، تڏھن ھر ڪو پنھنجي ماني ٻئي کان اڳ ۾ کايو ٿو وٺي. ھڪڙو بکايل رھجي وڃي ٿو تہ ٻيو نشي ۾ چور ٿيو پوي.

22 ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوھان کي پنھنجا گھر ڪونہ آھن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آھي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوھان کي ڇا چوان؟ انھيءَ ڪري آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪريان ڇا؟ يقيناً آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪونہ ٿو ڪريان.

23 جيئن تہ ھيءَ ڳالھہ مون کي خداوند کان ملي ۽ مون اھا اوھان تائين بہ پھچائي تہ جنھن رات خداوند عيسيٰ کي گرفتار ڪرايو ويو تنھن رات ھن ماني کنئي.