1.ڪرنٿين 11:19-25 SCLNT

19 اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن.

20 سو اوھين جڏھن بہ پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏھن اوھين جيڪي ڪجھہ کائو ٿا سو خداوند جي يادگيريءَ جي ماني ڪينھي.

21 ڇالاءِ⁠جو جڏھن اوھين کائو ٿا، تڏھن ھر ڪو پنھنجي ماني ٻئي کان اڳ ۾ کايو ٿو وٺي. ھڪڙو بکايل رھجي وڃي ٿو تہ ٻيو نشي ۾ چور ٿيو پوي.

22 ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوھان کي پنھنجا گھر ڪونہ آھن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آھي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوھان کي ڇا چوان؟ انھيءَ ڪري آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪريان ڇا؟ يقيناً آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪونہ ٿو ڪريان.

23 جيئن تہ ھيءَ ڳالھہ مون کي خداوند کان ملي ۽ مون اھا اوھان تائين بہ پھچائي تہ جنھن رات خداوند عيسيٰ کي گرفتار ڪرايو ويو تنھن رات ھن ماني کنئي.

24 پوءِ شڪرانو ادا ڪري ھن ماني ڀڃي چيو تہ ”ھي منھنجو بدن آھي، جيڪو اوھان جي واسطي آھي. منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“

25 اھڙيءَ طرح ھن کائڻ کان پوءِ پيالو بہ ورتو ۽ چيائين تہ ”ھيءُ پيالو اھو نئون عھد آھي جيڪو منھنجي رت جي وسيلي ڪيو ويو آھي. جڏھن بہ اھو پيئو تہ منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“