6 جيڪڏھن ڪا عورت پنھنجو سر نہ ٿي ڍڪي تہ وار بہ ڪترائي ڇڏي. پر جيڪڏھن ڪنھن عورت لاءِ وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ شرم جھڙي ڳالھہ آھي، تہ پوءِ پنھنجو سر چادر سان ڍڪي.
7 مرد پنھنجو سر نہ ڍڪي، ڇالاءِجو ھو خدا جي صورت ۽ جلوو آھي، پر عورت مرد جو جلوو آھي.
8 ڇالاءِجو مرد عورت مان نہ، بلڪ عورت مرد مان ٺاھي ويئي آھي.
9 ھائو، مرد عورت لاءِ نہ خلقيو ويو ھو، پر عورت مرد لاءِ خلقي وئي ھئي.
10 سو ملائڪن جي اڳيان اختياري ڏيکارڻ لاءِ عورت کي سر ڍڪڻ گھرجي.
11 تنھن ھوندي بہ خداوند جي پيرويءَ ۾ عورت مرد کان لاتعلق ناھي، نڪي مرد عورت کان لاتعلق آھي.
12 ڇالاءِجو جيئن عورت مرد مان ٺاھي ويئي آھي، تيئن مرد عورت مان ڄڻيل آھي. پر سڀني شين جو ٺاھيندڙ خدا آھي.