1 ڀائرو ۽ ڀينرون، آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ روحاني نعمتن بابت اوھين بيخبر رھو.
2 اوھان کي خبر آھي تہ جڏھن اوھين ڪفر ۾ ھئا، تڏھن اوھان کي ڪنھن نہ ڪنھن نموني گمراھہ ڪري گونگن بتن ڏانھن نيو ويندو ھو.
3 تنھنڪري آءٌ اوھان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ خدا جي روح جي اثر ھيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ عيسيٰ لعنتي آھي ۽ نہ وري ڪو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگھندو تہ عيسيٰ خداوند آھي.
4 روحاني نعمتون تہ جدا جدا قسمن جون آھن، پر پاڪ روح تہ ھڪڙو ئي آھي.