1.ڪرنٿين 12:10-16 SCLNT

10 پاڪ روح ڪنھن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي پيغام ٻڌائڻ جي نعمت بخشي ٿو. ڪنھن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائڻ جي لياقت ڏئي ٿو ۽ ڪنھن کي انھن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو.

11 پر اھي سڀيئي ڪم ھڪڙو ئي پاڪ روح ٿو ڪري، جيڪو پنھنجي مرضيءَ موجب ھر ڪنھن کي جدا جدا نعمتون ورھائي ٿو ڏئي.

12 جيئن بدن ھڪ ۽ ان جا عضوا گھڻا آھن ۽ بدن جا سڀ عضوا جيتوڻيڪ گھڻا آھن پر تڏھن بہ گڏجي ھڪڙو ئي بدن ٺاھن ٿا، تيئن مسيح بہ آھي.

13 جھڙيءَ طرح اسان سڀني کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي ھڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي آھي، توڙي جو ڪي يھودي، ڪي غير يھودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد ھئا، پر اسان سڀني کي ھڪڙو ئي پاڪ روح اندر ۾ ڏنو ويو.

14 انسان جو بدن ھڪڙي عضوي جو نہ پر گھڻن جو ٺھيل آھي.

15 جيڪڏھن پير چوي تہ ”آءٌ ھٿ نہ آھيان، تنھنڪري بدن جو حصو نہ آھيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ ھو بدن جو حصو نہ آھي.

16 جيڪڏھن ڪن چوي تہ ”آءٌ اک نہ آھيان، تنھنڪري بدن جو حصو نہ آھيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ ھو بدن جو حصو نہ آھي.