17 جيڪڏھن سڄو بدن اک ھجي ھا تہ ٻڌڻ ڪٿان ٿئي ھا؟ جيڪڏھن سڄو بدن ڪن ھجي ھا تہ سنگھڻ ڪٿان ٿئي ھا؟
18 حقيقت ۾ خدا عضون مان ھر ھڪ عضوي کي بدن ۾ پنھنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آھي.
19 جيڪڏھن اھي سڀ ھڪ عضوو ھجن ھا تہ بدن ڪٿي ھجي ھا؟
20 دراصل عضوا گھڻا آھن پر بدن ھڪڙو ئي آھي.
21 اک ھٿ کي چئي نہ ٿي سگھي تہ ”مون کي تنھنجي ضرورت نہ آھي.“ يا وري مٿو پيرن کي چئي نہ ٿو سگھي تہ ”مون کي اوھان جي ضرورت ڪانھي.“
22 اٽلندو بدن جا اھي عضوا، جيڪي زيادہ نازڪ ڏسڻ ۾ ٿا اچن سي پاڻ وڌيڪ ضروري آھن.
23 بدن جا اھي عضوا جن کي اسين خسيس ٿا سمجھون، تن جو ڏاڍو قدر ٿا ڪريون. اسان جا بيزيبا عضوا ڏاڍي زيب وارا ٿا بڻجن.