1.ڪرنٿين 14:16-22 SCLNT

16 پر جيڪڏھن تون رڳو روح سان دعا گھرندين تہ جنھن کي معنيٰ نہ ٿي اچي سو تنھنجي شڪراني جي دعا گھرڻ تي ڪيئن آمين چوندو؟ ڇاڪاڻ⁠تہ تون جيڪي چوين ٿو سو ھو سمجھي ئي ڪونہ ٿو.

17 جيتوڻيڪ تون تہ چڱيءَ طرح خدا جو شڪرانو ٿو ڪرين پر ھن ٻئي جو تہ ڪوبہ سڌارو نہ ٿو ٿئي.

18 آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ آءٌ عجيب ٻوليون اوھان سڀني کان وڌيڪ ٿو ڳالھايان.

19 پر ڪليسيا ۾ ٻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ، ڏھہ ھزار عجيب ٻوليءَ وارا لفظ ڳالھائڻ جي بنسبت آءٌ پنج معنيٰ وارا لفظ ڳالھائڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.

20 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ بالغ ٿيو.

21 شريعت ۾ لکيل آھي تہ”آءٌ ھن قوم سانڌاريون ٻوليون،۽ ڌارين ماڻھن جي واتان ڳالھائيندس،تہ بہ ھو منھنجي نہ ٻڌندا.“ ھي خداوند فرمائي ٿو.

22 تہ پوءِ عجيب ٻوليون ايمان وارن لاءِ نہ پر انھن لاءِ نشان آھن، جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ ايمان نہ آڻيندڙن لاءِ نہ، بلڪ ايمان وارن لاءِ نشان آھي.