22 تہ پوءِ عجيب ٻوليون ايمان وارن لاءِ نہ پر انھن لاءِ نشان آھن، جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ ايمان نہ آڻيندڙن لاءِ نہ، بلڪ ايمان وارن لاءِ نشان آھي.
23 تنھن ھوندي بہ جيڪڏھن ساري ڪليسيا جا ماڻھو ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي عجيب ٻوليون ڳالھائين ۽ ڪي اوپرا ۽ ايمان نہ آڻيندڙ ماڻھو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اھي کين چريو نہ سمجھندا؟
24 پر جيڪڏھن سڀيئي خدا جو ڪلام ٻڌائيندا ۽ ڪو ايمان نہ آڻيندڙ يا اوپرو ماڻھو اندر لنگھي ايندو تہ اھو ٻڌي ھن کي پاڻ ۾ گناھہ نظر ايندا ۽ پرکجي ويندو.
25 سندس دل جون لڪل ڳالھيون ظاھر ٿي پونديون ۽ ھو پيشاني رکي خدا جو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوھان ۾ آھي.“
26 تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ڇا ڪجي؟ جڏھن اوھين گڏ ٿيو تڏھن ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو خدا جو ظاھر ڪيل پيغام ٻڌائي، ڪو عجيب ٻولي ڳالھائي ۽ ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر سڀ ڳالھيون ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ھجڻ گھرجن.
27 عجيب ٻوليءَ ۾ ٻہ يا لاچار ٽي ڄڻا ھڪ وقت واري واري تي ڳالھائين ۽ ڪوبہ ھڪ ڄڻو ترجمو ڪندو وڃي.
28 پر جيڪڏھن ڪوبہ ترجمو ڪندڙ ڪونہ ھجي تہ ڳالھائيندڙ ماٺ ڪري ويھي رھي. ھو رڳو پاڻ سان ڳالھائي ۽ خدا سان.