28 پر جيڪڏھن ڪوبہ ترجمو ڪندڙ ڪونہ ھجي تہ ڳالھائيندڙ ماٺ ڪري ويھي رھي. ھو رڳو پاڻ سان ڳالھائي ۽ خدا سان.
29 جيڪي خدا جو پيغام ٻڌائڻ چاھين، تن مان ٻہ يا ٽي ڳالھائين ۽ ٻين کي خيال سان پرکڻ گھرجي.
30 پر جيڪڏھن ڪنھن ويٺل تي خدا جو پيغام ظاھر ٿئي تہ ڳالھائيندڙ بس ڪري کيس ڳالھائڻ ڏئي.
31 اھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي ھڪ ھڪ ٿي خدا جو پيغام ٻڌائي سگھو ٿا، تہ جيئن سڀيئي سکي سگھن ۽ سڀني جي ھمتافزائي ٿئي.
32 خدا جو پيغام ٻڌائيندڙن جا روح سندن ضابطي ھيٺ آھن.
33 ڇالاءِجو خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن امان جو خدا آھي.
34 ايمان وارن جي سڀني ڪليسيائن موجب، ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ عورتن کي چپ رھڻ گھرجي. ھنن کي ڳالھائڻ نہ کپي بلڪ کين تابعدار رھڻ گھرجي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آھي.