32 خدا جو پيغام ٻڌائيندڙن جا روح سندن ضابطي ھيٺ آھن.
33 ڇالاءِجو خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن امان جو خدا آھي.
34 ايمان وارن جي سڀني ڪليسيائن موجب، ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ عورتن کي چپ رھڻ گھرجي. ھنن کي ڳالھائڻ نہ کپي بلڪ کين تابعدار رھڻ گھرجي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آھي.
35 جيڪڏھن اھي ڪجھہ بہ سکڻ گھرن تہ گھر ۾ پنھنجي پنھنجي مڙس کان پڇي معلوم ڪن. باقي ڪليسيا جي ميڙ ۾ ڳالھائڻ عورت لاءِ شرم جھڙي ڳالھہ آھي.
36 ڇا خدا جو ڪلام اوھان کان شروع ٿي ھليو آھي؟ يا اھو رڳو اوھان وٽ ئي پھتو آھي؟
37 جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھو خدا جو پيغام ٻڌائي سگھي ٿو، يا کيس روحاني نعمت مليل آھي تہ ان کي ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي آءٌ لکان ٿو سي خداوند جا حڪم آھن.
38 پر جيڪڏھن ڪو اھا ڳالھہ نہ ٿو مڃي تہ کيس نہ مڃجي.