1.ڪرنٿين 14:6-12 SCLNT

6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن آءٌ اوھان وٽ اچان ۽ عجيب ٻوليون ڳالھايان تہ اوھان کي ڪھڙو فائدو پھچائيندس، جيستائين آءٌ اوھان سان ڪنھن مڪاشفي، يا علم، يا خدا جي ڪلام، يا تعليم جي وسيلي نہ ڳالھايان.

7 بانسري ۽ سُرمنڊل جيڪي بي⁠جان شيون آھن، تن جي آوازن ۾ جيڪڏھن فرق نہ ھوندو تہ سُر جي خبر ڪيئن پئجي سگھندي؟

8 يا وري بگل جو آواز چِٽو نہ ھوندو تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟

9 اھڙيءَ طرح اوھين جيڪي زبان سان ڳالھائيندا سو جيستائين سمجھہ ۾ نہ ايندو، تيستائين ڪيئن خبر پوندي تہ اوھين ڇا ٿا ڳالھايو، ڄڻ تہ اوھين ھوا سان ٿا ڳالھايو.

10 بيشڪ دنيا ۾ ڪيتريون ئي مختلف ٻوليون آھن، پر تن مان ڪابہ معنيٰ کان سواءِ نہ آھي.

11 جيڪڏھن انھيءَ ٻوليءَ جي معنيٰ مون کي نہ ايندي تہ ڳالھائيندڙ منھنجي لاءِ ڌاريو ٿيندو ۽ آءٌ ڳالھائيندڙ لاءِ ڌاريو ٿيندس.

12 سو اوھان، جن کي پاڪ روح جي نعمتن جي آرزو آھي، سي اھا ڪوشش ڪريو تہ اوھان جي روحاني نعمتن جي بھتر استعمال ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي.