8 يا وري بگل جو آواز چِٽو نہ ھوندو تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟
9 اھڙيءَ طرح اوھين جيڪي زبان سان ڳالھائيندا سو جيستائين سمجھہ ۾ نہ ايندو، تيستائين ڪيئن خبر پوندي تہ اوھين ڇا ٿا ڳالھايو، ڄڻ تہ اوھين ھوا سان ٿا ڳالھايو.
10 بيشڪ دنيا ۾ ڪيتريون ئي مختلف ٻوليون آھن، پر تن مان ڪابہ معنيٰ کان سواءِ نہ آھي.
11 جيڪڏھن انھيءَ ٻوليءَ جي معنيٰ مون کي نہ ايندي تہ ڳالھائيندڙ منھنجي لاءِ ڌاريو ٿيندو ۽ آءٌ ڳالھائيندڙ لاءِ ڌاريو ٿيندس.
12 سو اوھان، جن کي پاڪ روح جي نعمتن جي آرزو آھي، سي اھا ڪوشش ڪريو تہ اوھان جي روحاني نعمتن جي بھتر استعمال ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي.
13 ھن ڪري تہ جيڪو ماڻھو عجيب ٻولي ڳالھائي ٿو، تنھن کي دعا گھرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ ھو چوي ٿو تنھن جو ترجمو بہ ڪري سگھي.
14 ڇالاءِجو جيڪڏھن آءٌ ڪنھن عجيب ٻوليءَ ۾ دعا گھرندس تہ منھنجو روح تہ دعا گھرندو پر عقل بيڪار رھندو.