22 جيئن آدم جا ھئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا ھوندا سي سڀ جياريا ويندا.
23 پر ھر ڪو پنھنجي واري تي جياريو ويندو. ان جو پھريون ڦل مسيح آھي جيڪو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ پوءِ ان جي وري اچڻ سان اُھي جيئرا ٿي اٿندا جيڪي مسيح جا آھن.
24 پوءِ آخرت ٿيندي ۽ مسيح ھر حڪومت، ھر اختياريءَ ۽ طاقت کي برباد ڪري بادشاھت خدا يعني پيءُ جي حوالي ڪندو.
25 ڇالاءِجو مسيح کي تيستائين حڪمراني ڪرڻي آھي، جيستائين خدا سڀني دشمنن کي سندس قدمن ھيٺان نہ ڪري.
26 آخري دشمن جيڪو ناس ٿيندو سو آھي موت.
27 ڇالاءِجو پاڪ ڪتابن ۾ لکيل آھي تہ ”خدا ھر ڪا شيءِ سندس قدمن ھيٺان ڪئي.“ ھاڻي جڏھن ائين چئجي ٿو تہ ھر ڪا شيءِ سندس ھٿ ھيٺ ڪئي ويئي آھي تہ ظاھر آھي تہ ان ۾ خدا پاڻ شامل نہ آھي، جنھن سڀڪا شيءِ مسيح جي ھٿ ھيٺ ڪئي آھي.
28 ھاڻي جڏھن ھن ائين ڪيو آھي تہ پوءِ پٽ پنھنجو پاڻ خدا جي تابع ٿيندو. انھيءَ خدا سڀ شيون مسيح جي ھٿ ھيٺ ڪيون تہ جيئن سڀني ۾ خدا ئي سڀ ڪجھہ ھجي.