42 اھو ئي حال آھي مئلن جي جِي اٿڻ جو، يعني جيڪو جسم فنا جي حالت ۾ پورجي ٿو سو بقا جي حالت ۾ جيارجي ٿو.
43 اھو بيقدريءَ سان پورجي ٿو، پر جلوي سان جياريو وڃي ٿو. ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پورجي ٿو ۽ طاقتور ڪري جياريو وڃي ٿو.
44 نفساني جسم پورجي ٿو پر روحاني جسم ڪري جيارجي ٿو. جيڪڏھن نفساني جسم آھي تہ پوءِ روحاني جسم بہ آھي.
45 جيئن پاڪ لکتن ۾ آيل آھي تہ ”پھريون انسان آدم جيئرو جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ پويون آدم زندگي بخشيندڙ روح آھي.
46 انھيءَ ھوندي بہ پھريائين روحاني نہ، پر جسماني ھو ۽ پوءِ روحاني ٿيو.
47 پھريون ماڻھو زمين مان آيو ۽ خاڪي ھو، ٻيو ماڻھو آسمان مان آيو.
48 جيڪي ڌرتيءَ وارا آھن سي انھيءَ وانگر آھن جيڪو مٽيءَ مان بڻيو ۽ جيڪي آسمان وارا آھن سي انھيءَ وانگر آھن جيڪو آسمان مان آيو.