55 اي موت! ڪٿي آھي تنھنجي فتح؟اي موت! ڪٿي آھي تنھنجو ڏنگ؟“
56 موت جو ڏنگ گناھہ ئي آھي ۽ گناھہ جي طاقت شريعت ئي آھي.
57 پر خدا جو شڪر آھي جو ھو اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي فتح ٿو ڏئي.
58 تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابتقدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِجو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي.