13 سجاڳ رھو، ايمان تي قائم رھو، ھمت ڌاريو، مضبوط رھو.
14 جيڪي ڪجھہ ڪريو سو پيار سان ڪريو.
15 اوھان کي استفناس ۽ سندس گھر جي ڀاتين بابت خبر آھي تہ اھي اخيا پرڳڻي ۾ پھريان شخص آھن جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو. ھنن پاڻ کي خدا جي ماڻھن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آھي.
16 اي ڀائرؤ! آءٌ تاڪيد ٿو ڪريان تہ اھڙن ماڻھن ۽ جيڪي بہ انھن سان گڏجي ڪم ڪن ٿا، تن سڀني جي فرمانبرداري ڪريو.
17 آءٌ استفناس، فرتُوناتس ۽ اخيڪُس جي اچڻ تي خوش آھيان، ڇوتہ انھن اھا جاءِ ڀري آھي جيڪا اوھان جي گھٽتائيءَ جي ڪري رھجي ويئي ھئي.
18 ھنن منھنجي ۽ اوھان جي روح کي تازگي بخشي آھي. تنھنڪري اھڙن ماڻھن جو قدر ڪريو.
19 ايشيا پرڳڻي جون ڪليسيائون اوھان کي سلام ڏين ٿيون. اڪولا ۽ پرسڪلا ۽ سندن گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا اوھان کي پرجوش مسيحي سلام ٿا ڏين.