5 جيئن تہ منھنجو مڪدونيا وٽان گذرڻ جو ارادو آھي، سو آءٌ اتان ٿيندو پوءِ اوھان وٽ ايندس.
6 شايد آءٌ اوھان وٽ ڪجھہ وقت ٽڪان، يا سڄو سيارو گذاريان، انھيءَ ڪري تہ جيئن مسافريءَ ۾ جيڏانھن بہ وڃان تہ اوھين مدد ڪري مون کي روانو ڪري سگھو.
7 تنھنڪري آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ ھن وقت رستي ويندي اوھان سان ٿوري وقت لاءِ ملان. مون کي اميد آھي تہ جيڪڏھن خداوند چاھيو تہ اوھان سان ڪافي وقت گذاريندس.
8 پر اڃا آءٌ ھتي اِفسس ۾ پنتيڪُست جي عيد تائين رھندس.
9 ڇالاءِجو ھتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو آھي، توڙي جو ڪيترائي مخالف آھن.
10 جيڪڏھن تيمٿيس اوھان وٽ اچي تہ خيال رکجو تہ جيئن ھو اوھان سان بيڊپو ٿي رھي، ڇالاءِجو ھو بہ خداوند جو ڪم ائين پيو ڪري جيئن آءٌ پيو ڪريان.
11 تہ پوءِ ڪوبہ ھن کي گھٽ نہ سمجھي. کيس سک ۽ سلامتيءَ سان روانو ڪجو تہ جيئن ھو مون ڏانھن موٽي سگھي. ٻين ڀائرن سان سندس گڏجي اچڻ جو آءٌ انتظار پيو ڪريان.