12 اسان کي دنياوي روح نہ، بلڪ خدا جي طرفان پاڪ روح مليل آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اسين خدا جي بخشيل نعمتن کي سمجھي سگھون.
13 اسين اھي ڳالھيون ماڻھن جي ڏاھپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پاڪ روح جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين روحاني ڳالھيون روحاني لفظن سان ئي سمجھايون ٿا.
14 پر جنھن ماڻھوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آھي، سو خدا جي پاڪ روح کان مليل ڳالھيون قبول نہ ڪندو، ڇالاءِجو اھي ھن لاءِ بيوقوفي آھن. ھو انھن کي سمجھي نہ سگھندو، ڇاڪاڻتہ اھي روحاني طرح پرکيون وينديون آھن.
15 روحاني ماڻھو سڀني ڳالھين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انھيءَ کي ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي.
16 جيئن لکيل آھي تہ”ڪير خداوند جي سمجھہ کي ڄاڻي ٿو،جو کيس صلاح ڏئي؟“ پر اسان کي تہ مسيح جي سمجھہ مليل آھي.