1.ڪرنٿين 2:4-10 SCLNT

4 منھنجي تقرير ۽ تبليغ، ڏاھپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پاڪ روح جي قدرت سان يقين ڪرڻ جھڙيون ثابت ٿي ويون،

5 انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھان جو ايمان ماڻھن جي ڏاھپ تي نہ، پر خدا جي قدرت تي قائم ھجي.

6 تنھن ھوندي بہ ڪامل ايمان وارن ماڻھن منجھہ اسين ڏاھپ جون ڳالھيون ٿا ڪريون، پر نہ ھن زماني جي ڏاھپ جون ۽ نڪي ھن زماني جي حاڪمن جي ڏاھپ جون، جيڪي ناس ٿي رھيا آھن.

7 بلڪ، اسين خدا جي ڳجھي ڏاھپ بيان ڪري رھيا آھيون، جيڪا دنيا کان لڪل آھي ۽ جا خدا ھن زماني جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي ھئي.

8 انھيءَ ڏاھپ کي ھن زماني جي حاڪمن نہ سمجھيو. جيڪڏھن اھي سمجھن ھا تہ جيڪر خداوند ذوالجلال کي ڪڏھن بہ صليب تي ڪين چاڙھين ھا.

9 پر جيئن لکيل آھي تہ”جيڪا شيءِ ڪنھن بہ اک نہ ڏٺي آھي،ڪنھن بہ ڪن نہ ٻڌي آھي۽ ڪنھن بہ دماغ نہ سوچي آھي،سا خدا پنھنجي پيار ڪندڙن لاءِتيار ڪئي آھي.“

10 پر اسان تي خدا اھا پنھنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ڪئي آھي، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح سڀني ڳالھين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالھين کي بہ پرکي ٿو وٺي.