2 مون اوھان کي کير پياريو پر کاڌو نہ کارايو، ڇالاءِجو اوھين اڃا انھيءَ لاءِ تيار نہ ھئا ۽ نڪي ھاڻي ئي تيار آھيو.
3 اوھين اڃا تائين دنياوي ماڻھن وانگر آھيو. جيئن تہ اوھان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آھي، سو اوھين جسماني نہ آھيو ڇا؟ اوھين دنياوي ماڻھن وانگر نہ ٿا ھلو ڇا؟
4 جڏھن اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ تہ پوءِ اوھين دنياوي ماڻھن وانگر نہ آھيو ڇا؟
5 تہ پوءِ اپلوس ڪھڙي شيءِ آھي؟ ۽ پولس ڇا آھي؟ اھي تہ خدمتگار آھن، جن جي وسيلي اوھان ايمان آندو. ھر ڪو اھڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جھڙيءَ طرح خداوند کيس ڏنو آھي.
6 مون پوکيو، اپلوس پاڻي ڏنو پر وڌايو خدا.
7 سو نہ پوکيندڙ ۽ نڪي پاڻي ڏيندڙ ڪا شيءِ آھن، پر خدا آھي جيڪو وڌائي ٿو.
8 پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي ھڪجھڙا آھن. ھر ڪنھن کي پنھنجي پورھئي آھر اجورو ملندو.