1 ماڻھن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا خادم سمجھن، جن کي خدا جا راز سونپيا ويا آھن،
2 ۽ جن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آھي تن جو فرض آھي تہ ايماندار رھن.
3 منھنجي لاءِ اھا ڳالھہ خسيس آھي جو اوھين يا ڪا ٻي انساني ڪورٽ منھنجي جاچ ڪري، جڏھن تہ آءٌ پاڻ پنھنجي جاچ ڪري نہ ٿو سگھان،
4 ڇالاءِجو منھنجو ضمير مون تي ڪا ملامت نہ ٿو ڪري. تنھن ھوندي بہ ان مان اھو ثابت نہ آھي تہ آءٌ ڪو سچپچ بيڏوھي آھيان. مون کي جاچڻ وارو تہ خداوند ئي آھي.
5 تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِجو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.