1.ڪرنٿين 4:10-16 SCLNT

10 اسين تہ مسيح جي خاطر بي⁠وقوف ٿا سڏجون، پر اوھين مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري سياڻا ٿا ليکجو. اسين ھيڻا پر اوھين طاقتور، اوھين عزت وارا پر اسين بي⁠عزت ٿا ليکجون.

11 اسين اڄ تائين بکايل، اڃايل ۽ اگھاڙا آھيون، در در ڌڪا کائيندا ٿا وتون ۽ رھڻ جي لاءِ ڪا جاءِ ڪانہ اٿئون.

12 اسين پنھنجن ھٿن سان پورھيو ڪيو پيا ھڄون. جڏھن ماڻھو اسان تي لعنتون ٿا وجھن تہ اسين کين دعائون ٿا ڪريون. جڏھن ھو اسان کي ستائين ٿا تہ اسين صبر سان ٿا سھون.

13 جڏھن ھو اسان جي گلا ڪن ٿا تہ اسين سندن نيڪي ٿا ڪريون. اسين ھن وقت تائين جھان جو گند ڪچرو ۽ سڀني شين جو ٻھر پيا ليکجون.

14 آءٌ ھي ڳالھيون اوھان کي شرمسار ڪرڻ خاطر نہ ٿو لکان، بلڪ پنھنجا پيارا ٻار سمجھي اوھان کي نصيحت ٿو ڪريان.

15 جيتوڻيڪ مسيحي زندگيءَ ۾ اوھان جا ڏھہ ھزار استاد ھجن، پر اوھان جو پيءُ تہ رڳو ھڪڙو ئي آھي. ڇالاءِ⁠جو خوشخبريءَ جي وسيلي آءٌ ئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان جو پيءُ ٿيس.

16 تنھنڪري آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين بہ مون جھڙي ھلت ڪريو.