1.ڪرنٿين 4:4-10 SCLNT

4 ڇالاءِ⁠جو منھنجو ضمير مون تي ڪا ملامت نہ ٿو ڪري. تنھن ھوندي بہ ان مان اھو ثابت نہ آھي تہ آءٌ ڪو سچ⁠پچ بي⁠ڏوھي آھيان. مون کي جاچڻ وارو تہ خداوند ئي آھي.

5 تنھنڪري خداوند جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنھن بہ ڳالھہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ئي اوندھہ ۾ لڪل شيون پڌريون ڪندو ۽ ماڻھن جي دلين جون رٿون ظاھر ڪندو. تڏھن خدا جي طرفان ھر ڪنھن جي پوري پوري ساراھہ ٿيندي.

6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون ھنن ڳالھين ۾ اوھان جي خاطر پنھنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور پيش ڪيو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اوھين اسان کان سکو تہ ”جيڪي ڪجھہ لکيل آھي، تنھن کان ٻاھر نہ وڃو.“ اوھان مان ڪو ھڪڙي جي ڀر وٺي ٻئي جي خلاف ٻٽاڪون نہ ھڻي.

7 تنھنجي ۽ ٻين جي وچ ۾ فرق ڪرڻ وارو ڪير آھي؟ ڇا تو وٽ اھڙي ڪا شيءِ آھي جيڪا تو کي انھيءَ کان نہ ملي ھجي؟ جيڪڏھن تو کي واقعي ملي آھي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ تو کي ملي ئي ڪانھي؟

8 ھا اوھين تہ پھريون ئي آسودا ھئا. اوھين تہ اڳي ئي دولتمند ھئا ۽ اوھان اسان کان سواءِ بادشاھي ڪئي. ڪاش! اوھين سچ⁠پچ بادشاھي ڪريو ھا تہ من اسين بہ اوھان سان گڏ بادشاھي ڪريون ھا.

9 منھنجي خيال ۾ خدا اسان رسولن کي سڀ کان ھيٺاھون ڪري انھن ماڻھن وانگر پيش ڪيو آھي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو ھجي. اسين جھان، فرشتن ۽ ماڻھن لاءِ ھڪ تماشو بڻايا ويا آھيون.

10 اسين تہ مسيح جي خاطر بي⁠وقوف ٿا سڏجون، پر اوھين مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري سياڻا ٿا ليکجو. اسين ھيڻا پر اوھين طاقتور، اوھين عزت وارا پر اسين بي⁠عزت ٿا ليکجون.